اسلام آباد (م ڊ) شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهي وفدن جي آمد شروع ٿي وئي آهي. ايئرپورٽ ذريعن موجب ڀارت جو 4 رڪني سرڪاري وفد پاڪستان پهچي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته روس جو 76 رڪني وفد جڏهن ته چين جو 15 رڪني وفد به شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي ويو آهي. ذريعن موجب ڪرغزستان جو 4 رڪني وفد ۽ ايران جو 2 رڪني وفد به اسلام آباد پهچي ويو آهي، جڏهن ته شنگهائي سهڪار تنظيم جا 7 نمائندا به پاڪستان پهچي ويا آهن. ياد رهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس 15 کان 16 آڪٽوبر تائين اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ مختلف ملڪن جا 200 وفد شرڪت ڪندا.