اسلام آباد (عمران شفقت) اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور کي مهينو اڳ گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي جنهن تي فوج اندر پڻ سوال آهي ته اهو سڀ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ان ڳالهه جي باضابطا تصديق ناهي ڪئي وئي پر هو ڪجهه وقت کان ڪم تي ناهي وڃي رهيو ۽ امڪان اهو آهي ته کيس روانو ڪيو ويو آهي ڇو ته جيڪي ڪم جنرل فيض حميد ڪيا هي به اهڙا ئي ڪم ڪري رهيو هو ۽ حرڪتن کان نه مڙيو هو. اهڙي ريت ڪور ڪمانڊر ملتان اختر نواز، ميجر جنرل آصف غفور، محمد علي، ثاقب محمود ملڪ سميت4 عهدا خالي ٿي ويا آهن. چيو پيو وڃي ته ليفٽيننٽ جنرلن کي انهن عهدن تي بدلي ڪيو ويندو پر ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري کانپوءِ هاڻي ميجر جنرلن کي ترقي ڏني ويندي ۽ انهن عهدن تي مقرر ڪيو ويندو ڪجهه بدليون به ٿي سگهن ٿيون امڪان آهي ته ايس سي او سمٽ کانپوءِ ائين ڪيو وڃي.