ڪراچي( رپورٽ: ذوالفقار راڄپر، جاني سومرو، حفيظ ڦلپوٽو) رواداري مارچ جي رستا روڪ ڪندي پوليس ٽي تلوار کان ڪراچي پريس ڪلب تائين علائقي کي جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو, مارچ ۾ شريڪ ماڻهن تي بي رحماڻو تشدد ڪندي زبردستي پوليس موبائيلن ۾ اڇلايو ويو. ٽي تلوار کان پريس ڪلب تائين علانيل رواداري مارچ کي روڪڻ جي لاءِ ٽي تلوار ۽ ڪراچي پريس ڪلب واري علائقي کي مڪمل سيل ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن کان ايندڙ سوين سياسي ڪارڪن ۽ ساڃاهه وند اديب, شاعر ۽ ليکڪ پريس ڪلب پهتا ته پوليس لٺبازي ڪندي سنڌو نواز گهانگهرو, جامي چانڊيو, سندس نياڻي روماسا, بخشل ٿلهو, ڪامريڊ عاليه بخشل, ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ قاضي خضر, راڳي سيف سميجو, وقار ملاح, فوزيه سينگار, وڪيل علي پلهه ۽ زهره خان سميت 80 کان وڌيڪ سياسي ڪارڪنن ۽ سماجي اڳواڻن کي تشدد بعد گرفتار ڪيو ويو. جن کي ڪجهه ڪلاڪ ٿاڻي تي رکڻ کانپوءِ سخت عوامي رد عمل کان پوءِ آزاد ڪيو ويو. رواداري مارچ دوران سنڌو نواز گهانگهرو, عاليه بخشل ٿلهو ۽ ٻين ساٿين جي گرفتاري کانپوءِ حيدرآباد مان پهتل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي حيدرآباد، ايڇ آر سي پي ۽ وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻن امر سنڌو، پروفيسر امداد چانڊيو، مجيد چانڊيو، حسين مسرت شاهه، روزينا جوڻيجو، بختاور ڄام، نجمه پنهور، نسيم جلباڻي، ماروي اعواڻ، پشپا ڪماري، غفرانا آرائين، گلبدن جاويد مرزا، رخسانه پريت ۽ ٻيا ماڻهو خوف کي ٽوڙيندي ڪراچي پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. جن پوليس جي بربريت ۽ تشدد خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان کان اڳ راواداري مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ کان کين روڪيو ويو ۽ سندس رستا روڪ ڪري واپس روانو ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي. پر سنڌو نواز گهانگهرو, عاليه بخشل ۽ ٻين ساٿين جي گرفتاري بعد حيدرآباد مان آيل هي وفد رڪاوٽون ٽوڙي پريس ڪلب پهتو. جتي هنن ڌرڻو هنيو. ڪراچي پريس ڪلب ۽ ٽي تلوار واري علائقي مان ناميارو وڪيل علي پلهه، هوم بيسڊ وومين ورڪرس تنظيم جي اڳواڻ زهرا خان ۽ سماجي اڳواڻ اسماعيل پنهور سميت 30 کان وڌيڪ سياسي سماجي ڪارڪنن کي پوليس گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي منقتل ڪيو. سنڌو نواز گهانگهرو ريلي پهچڻ تي ڳالهائيندي چيو ته اسان جي پرامن ريلي خلاف رڪاوٽون بيهاري صبح کان وٺي ٽي تلوار ۽ پريس ڪلب ٻاهران ڪارڪنن کي گرفتار ڪري سنڌ حڪومت پنهنجي پت وائکي ڪئي آهي ، اسان مٿان به پوليس حملو ڪرڻ لاءِ تيار بيٺي آهي، پر اسان نه رڪنداسين، اسان امن، رواداري جو ماحول ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن جي گرفتاري چاهيون ٿا . ترقي پسند دانشور جامي چانڊيو چيو ته رياست مذهبي انتهاپسندي جي پٺڀرائي ڪري دراصل پاڪستان کي دنيا ۾ رسوا ڪري ملڪ کي سياسي، اقتصادي نقصان ڏئي رهي آهي، سنڌ حڪومت جيڪا پرامن سول سوسائٽي مٿان پوليس دهشتگردي ڪري عورتن جي بي حرمتي ڪرائي نوجوانن مٿان تشدد ۽ گرفتارين جو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سان پي پي پي ۽ ان جي سنڌ حڪومت جي جمهوري ۽ سيڪيولر دعوا مٿان پيل نقاب لهي پيو آهي، ريلي ۾ سنڌو نواز گهانگهرو، رومانسه جامي چانڊيو ۽ لاتعداد نوجوانن ۽ عورتن جي گرفتاري بعد هڪ دفعو ٻيهر هڪ پوليس اهلڪار جي مذهبي نعري بعد ڪراچي پريس ڪلب جي گيٽ تي بيٺل جامي چانڊيو، خضر حيات، مرڪ منان چانڊيو ،عاليه بخشل ۽ ٻين ريلي ۾ شامل ڪارڪنن مٿان ڪڙڪي پئي جنهن ۾ جامي چانڊيو کي ٻيهر پوليس تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ بخشل ٿلهو مٿان بار بار تشدد ڪري کيس روڊ تي گهلي گهلي پوليس موبائيل ۾ ڦٽو ڪيو. ان بعد اتي بيٺل ۽ ايندڙ ڪارڪنن مٿان لٺيون وسائي گرفتار ڪندا رهيا، جيڪو اٽڪل منو ڪلاڪ اها ڪارروائي هلندي رهي.
ناليواري اديب جامي چانڊيو جي نياڻي کي گهلڻ واري وڊيو وائرل
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ رواداري مارچ دوران ليڊي پوليس اهلڪارن ناليواري ليکڪ ۽ اديب جامي چانڊيو جي نياڻي روماسا جامي کي گرفتار ڪري ورتو، روماسا جي گرفتاري وقت ليڊي اهلڪار هٿن مان ٽنگو ٽالي ڪري کڻي وڃڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
سنڌ ۾ مذهبي شدت پسندي کي هٿي ڏيڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ ملوث
اسلام آباد (علي توقير) ڪراچي ۾ رواداري مارچ جو سڏ ڏنو ويو هو، مارچ جو مقصد سنڌ جي تهذيب، سيڪيولر روايتن جي تحفظ جو نعرو بلند ڪرڻو هو ۽ شدت پسندي جي رنڊ روڪ ڏانهن حڪومت جو ڌيان ڇڪائڻ هو. پر جڏهن ماڻهو گڏ ٿيا ته انهن تي پوليس ڪڙڪي پئي. ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل کانپوءِ هڪ مولوي عمر سرهندي سميت هڪ پ پ ايم پي اي جو ذڪر به ٿي رهيو هو ۽ پوليس اهلڪارن جا نالا سامهون آيا، ڪيس داخل ٿيو پر ڪا گرفتاري نه ٿي. پر سنڌ جي بقا لاءِ نڪتل ماڻهن تي پوليس ڪريڪ ڊائون ڪيو. ڪيترن ئي ماڻهن کي پريس ڪلب ۽ ٻين هنڌن تان گرفتار ڪيو ويو. پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر پرامن مارچ تي طاقت جو استعمال ڪري ثابت ڪيو ته رياست چاهي ڇا ٿي. سنڌ ۾ شدت پسندي کي هٿ ڏيڻ پٺيان هڪ مضبوط نيٽ ورڪ آهي جنهن ۾ فوج به ملوث آهي، ملڪ جا اهم عهدن تي ويٺل ماڻهو سڀ ملوث آهن ۽ اهي سمجهن ٿا مذهب جو سياسي طور تي استعمال ڪيئن ڪجي ۽ ماڻهن کي ڏڦيڙ جو شڪار ڪري انهن تي حڪمراني ڪري سگهجي ٿي پوءِ کڻي صدين جون روايتون ڇو نه ختم ٿي وڃن. اوهان ڇو چاهيو ٿا ته سنڌ ۾ نفرت پکڙجي وڃي؟ سنڌ ۾ مذهبي شدت پسندي جي ڪا جاءِ ناهي. سنڌ جو حال به ائين ڪيو ويندو ته ان جو مستقبل ٻين صوبن کان مختلف نه هوندو. پيپلزپارٽي جهڙي پارٽي به ان ئي لائن ۾ هجڻ شرم جوڳي ڳالهه آهي.
ايڇ آر سي پي پاران رواداري مارچ تي ٿيل لاٺي چارج ۽ گرفتارين جي مذمت
ڪراچي ( رپورٽر) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ايڇ آر سي پي ڪراچي پوليس پاران سنڌ رواداري مارچ جي ڪيترن ئي شرڪت ڪندڙن جي گرفتاري تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڪميشن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پوليس ايڇ آر سي پي جي سربراهه اسد اقبال بٽ کي به گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪيو. سنڌ روداري مارچ ۾ سڄي صوبي، سنڌ مان ترقي پسند آواز، انساني حقن جي محافظن، ٽريڊ يونينز ۽ فيمينسٽ تحريڪن سميت شامل آهن، جن کي احتجاج جو حق آئين ۾ محفوظ آهي.
ڪراچي ۾ ضياءَالحق جيئرو گهمندو نظر آيو: نصير ميمڻ
ڪراچي: نامياري دانشور نصير ميمڻ ڪراچي ۾ رواداري مارچ جي رستا روڪ ڪرڻ، رستا سيل ڪري امن جي ڌرتي امن ٿي چاهي وارا نعرا هڻندڙ ڌرتي ڌڻين کي گرفتار ڪري پوليس گاڏين ۾ زوري کنڀي اڇلائڻ تي پنهنجي فيسبڪ پيج تي هي اسٽيٽس رکيو ته اڄ ڪراچي ۾ ضياءَالحق جيئرو گهمندو پيو وتي، کيس جنم ڏينهن جون واڌايون.
مارشل لا دور وانگر پرامن احتجاج تي پوليس گردي ٿي آهي: امداد قاضي
حيدرآباد( پ ر) ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي ڪراچي ۾ پرامن احتجاج تي سنڌ حڪومت پاران پوليس جي ڪرايل وحشيانه ڪاروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته سڀني گرفتار ڪيل سياسي سماجي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. ھن چيو ته سنڌ ھميشہ کان مذهبي رواداري جي تاريخ رکي ٿي. سنڌ مطالبو ڪري رھي آھي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي عدالتي تحقيقات ڪرائي اصل ڏوھارين کي سزا ڏني وڃي. ھي ڪو ناجائز مطالبو نه آھي جو مارشل لا دور وانگر پرامن احتجاج تي پوليس گردي ڪئي وئي آهي. ھن احتجاج ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ سنڌ ھاري ڪاميٽي جي ڪارڪنن ڪامريڊ اقبال ۽ ڪامريد ڏامرومل جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪئي. ٻين سان گڏ ڪامريڊ اقبال کي پوليس سخت تشدد ڪيو آھي .
ڪراچي جي مختلف علائقن مان نڪرندڙ قافلن کي پوليس روڪي ورتو
گڏاپ (ن ع آ)سول سوسائٽي پاران اعلانيل سنڌ رواداري ريلي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ماڻهن کي روڪڻ لاءِ صبح سان ئي ڪراچي جي داخلي رستن گهگهر سسئي ٽول پلازه، لنڪ روڊ، سپر هاءِ وي، ابراهيم حيدري، سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد کي پوليس گهيري ۾ آڻي سيل ڪري ڇڏيو ۽ ڪراچي پريس ڪلب ويندڙ قافلن کي روڪي وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ ابراهيم حيدري، حيدرآباد، گلشن حديد، ٺٽو، لياري جي ڪارڪنن رستا بند ڪري ڌرڻا هنيا، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين پوليس ۽ مڇريل ماڻهن جي وچ ۾ چڪريون رهيون، ٻئي طرف پوليس جي وڏن اٽالن سنڌ رواداري ريلي جي مرڪزي علائقي 3 تلوار کي مڪمل گهيري ۾ آڻي ايندڙ سول سوسائٽي جي اڳواڻن جن ۾ سورٺ ٿيٻو به شامل آهي کين گرفتار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، جنهن سبب رواداري ريلي مرڪزي طور تي نه نڪري سگهي جڏهن ته جڳهه جڳهه تي ننڍا مظاهرا ڪيا ويا.