سنڌ رواداري مارچ تي وحشياڻي تشدد کانپوءِ پوليس ڪيس به داخل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ سنڌ رواداري مارچ تي وحشياڻي تشدد کانپوءِ پوليس ڪيس به داخل ڪري ڇڏيو.
آرٽلري ميدان ٿاڻي تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ 100 کان وڌيڪ مظاهرين نامزد، ڪيس ۾ نامزد ڪيل مظاهرين ۾ پنهل ساريو، سيف سميجو، حمز چانڊيو، احمد شبير ۽ ٻيا شامل.
انسپيڪٽر چوڌري زاهد حسين جي فرياد تي آرٽلري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
ڪيس جي متن موجب، ڪراچي شهر ۾ قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود احتجاج ڪيو ويو.
انسپيڪٽر زاهد حسين جي مدعيت ۾ داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود مظاهرين ڀڃڪڙي ڪندي احتجاج ڪيو
واضح رهي ته گذريل ڏينهن پوليس رواداري مارچ تي چڙهائي ڪري عورتن سوڌو هڪ سئو کان وڌيڪ مظاهرين کي گرفتار ڪيو هو، عورتن سميت احتجاج ڪندڙن کي گهلي پوليس موبائيلز ۾ ويهاريو ويو هو.
سول سوسائٽي، اديبن، شاعرن، ڊاڪٽرز ۽ صحافين جي به تذليل ڪئي وئي، پوليس گرفتار ڪيل سمورن احتجاج ڪندڙڻ کي ڪجهه دير بعد آزاد ڪري ڇڏيو.
حيدرآباد مان ڇاپن دوران گرفتار ڪيل ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ رياض چانڊيو کي به آزاد ڪيو ويو، رواداري مارچ تي تشدد ۽ گرفتارين خلاف سموري سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.