ايس سي او ڪانفرنس: چيني وزيراعظم پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس لاءِ چيني وزيراعظم لي چيانگ 11 ورهين بعد چئن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو آهي.
پاڪستان شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي ميزباني لاءِ تيار آهي، جڏهن ته پرڏيهي وفدن جي آمد جو سلسلو به جاري آهي.
وزيراعظم لي چيانگ 11 ورهين بعد چئن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو.
وزيراعظم شهباز شريف نور خان ايئر بيس تي چيني وزيراعظم جو آڌرڀاءُ ڪيو.
ان موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ احسن اقبال به موجود هئا.
چيني وزيراعظم کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي، ثقافتي لباس پهريل ٻارن چيني وزيراعظم لي چيانگ کي گل پيش ڪيا.
چيني وزيراعظم اسلام آباد ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو.
ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي وزيراعظمن وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون، معيشيت، واپار ۽ سي پيڪ سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
چيني وزيراعظم لي چيانگ، صدر آصف علي زرداري، پارلياماني اڳواڻن ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون به ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف سربراهي اجلاس جي صدارت ڪندو، ايس سي او جي ڏهن ملڪن جا وفد ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندا.
ايس سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت، چين، روس، ايران، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جا وفد اسلام آباد پهچي چڪا آهن.
معزز مهمانن جي آمد جي سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪري شهر کي سينگاريو ويو آهي.
اسلام آباد ۾ پاڪ فوج جا دستا مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ميٽرو بس سروس اڄ کان 17 آڪٽوبر تائين بند رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.