پاڪستان خلاف وائيٽ بال سيريز لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
قومي ٽيم ايندڙ مهيني ۾ آسٽريليا جو دورو ڪندي، دوري دوران ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون.
پاڪستان خلاف ون ڊي ميچز لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪينگروز ٽيم جي قيادت پيٽ ڪمنز ڪندو.
ون ڊي سيريز لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ ۾ شين ايبٽ، ڪوپر ڪنولي، جيڪ فريزر مُڪگرڪ، ايرون هارڊي، جوش هيزل ووڊ، جوش انگلس شامل آهن،
ان کانسواءِ مارنس لبوشين، گلين ميڪسويل، اسٽيو سمٿ، مچل اسٽارڪ، ميٿيو شارٽ مارڪس، اسٽوئنس ۽ ايڊم زمپا به اسڪواڊ جو حصو آهن.
آسٽريلوي اسڪواڊ بابت چيف سليڪٽر جارج بيلي جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ هي آخري ون ڊي سيريز آهي، تنهنڪري اسڪواڊ ۾ توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
جارج بيلي موجب، فيبروري ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ وٽن اسڪواڊ جي تجربي کي وڌائڻ جو موقعو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي ميچون 4، 8 ۽ 10 نومبر تي کيڏيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.