پاڪستان شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي ميزبانيءَ لاءِ تيار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي ميزبانيءَ لاءِ تيار، سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ ايس سي او سربراهي ڪانفرنس جي لاءِ اسلام آباد ۾ تياريون ۽ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
اسلام آباد شهر کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو، شهر ۾ هر پاسي پاڪ چين دوستي ۽ چيني وزيراعظم جي آجيان وارا بينر ۽ پينافليڪس لڳايا ويا.
سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ جا خصوصي انتظام، شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ چين، روس، بيلاروس ۽ قازقستان جا وزيراعظم شريڪ ٿيندا.
ايران جو اول نائب صدر ۽ ڀارت جو پرڏيهي وزير به شريڪ ٿيندا، منگوليا جو وزيراعظم ۽ ترڪي جو پرڏيهي وزير خصوصي مهمان طور شرڪت ڪندا، وزيراعظم شهباز شريف ايس سي او سربراهي ڪانفرنس جي صدارت ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.