ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته سول سوسائٽي ۽ مذهبي جماعت طرفان هڪ ئي ڏينهن تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو، جنهن سبب تڪرار جو خدشو هو، اهڙي صورتحال کي روڪڻ لاءِ ڪمشنر طرفان ڪراچي شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو هو.
صوبائي گهرو وزير ڪراچي پريس ڪلب، ٽي تلوار ۽ ميٽرو پول تي ٿيل مظاهرن تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته احتجاج ڪندڙن پاران قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، پوليس قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تان ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو.
هن چيو ته قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف بنا ڪنهن رنگ، نسل ۽ مذهبي فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي، ان کانسواءِ گهرو وزير پريس ڪلب آڏو احتجاج دوران صحافين تي پوليس تشدد جي جاچ جو حڪم ڏنو.
سندس چوڻ هو ته جن اهلڪارن تعارف ڪرائڻ باوجود صحافين تي تشدد ڪيو، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڪيس ۾ سنڌ حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، شاهنواز جي وارثن جي مرضي سان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ پوليس آفيسرن ۽ پرائيويٽ ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو، ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد ڪجهه آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو.
صوبائي وزير چيو ته ڪجهه پوليس آفيسرن گرفتاري کان اڳ واري ضمانتون حاصل ڪيون، ڪجهه پوليس آفيسر روپوش آهن، جن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي.
ضياءَ لنجار چيو ته ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ دهشتگردي جو واقعو پڻ پيش آيو، جيڪو ٻاهرين ملڪن ۽ ملڪ ۾ موجود دهشتگردن جي ڳٺ جوڙ سان ٿيو.
هن چيو ته هن وقت جڏهن اسلام آباد ۾ شنگھائي سهڪار تنظيم جو اجلاس ٿي رهيو آهي، ميمبر ملڪن جا وفد ۽ سيڙپڪار پهتل آهن، اهڙي صورتحال ۾ اهڙي قسم جا مظاهرا هڪ محب وطن پاڪستاني لاءِ بهتر ناهن.
صوبائي اِهو به چيو ته سول سوسائٽي وارا چون ٿا ته اسان پڙهيل لکيل ماڻهو آهيون، مذهبي ماڻهو به چون ٿا اسان پڙهيل لکيل ماڻهو آهيون، انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته قلم 144 لاڳو ٿيل هجي ته ريلي ناهي ڪڍڻي.
هن چيو ته اسان کين گذارش ڪئي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس سبب ريلي نه ڪڍو پر هنن ڳالهه نه مڃي، قلم 144 لاڳو هجڻ باوجود شهر ۾ هجوم وانگر گهڙيا، جنهن بعد پرتشدد واقعا ڪيا، جنهن جو نقصان سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي عوام کي ڀوڳڻو پوندو.عورتن تي لاٺبازي تي افسوس ٿيو، اسان ڪاروائي ڪنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجو ڪم احسن طريقي سان ڪري رهي آهي. هن چيو ته اوهان جنهن سلوگن سان ريلي ڪڍي رهيا هئا، انهي جو اثر اهو ٿيو ته اسان جي بدنامي ٿي رهي آهي.
عورتن مٿان لاٺبازي تي افسوس ٿيو، اهڙا احتجاج محب وطن پاڪستانين لاءِ بهتر ناهن: ضياءَ لنجار
You might also like