فضل الرحمان جو پي ٽي آءِ سان رابطو، 15 آڪٽوبر جو احتجاج ملتوي ڪرڻ جي اپيل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ايس سي او سربراهي اجلاس کي ڏسندي 15 آڪٽوبر جو احتجاج ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبر اسد قيصر موجب مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو ۽ ساڻس اسلام آباد ۾ احتجاج ۽ آئيني ترميمن جي حوالي سان مشاورت ٿي.
هن چيو ته مولانا صاحب شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس کي ڏسندي 15 آڪٽوبر جو احتجاج ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ هن عمران خان کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ذاتي ڊاڪٽر کي پهچ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته مولانا صاحب سان آئيني مسودي تي به تفصيلي گفتگو ٿي، ان دوران هن جمعيت علماءِ اسلام جو تيار ڪيل آئيني مسودو پيش ڪيو، جنهن ۾ اڪثر نڪتن تي ٻنهي سياسي جماعتن ۾ هم آهنگي آهي، وڌيڪ مشاورت لاءِ 17 آڪٽوبر تي ٻنهي جماعتن جو اجلاس ٿيو ۽ اپوزيشن جماعتن جي گڏيل مسودي کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.