راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ صحت کاتي طرفان ڊينگي تي ضابطي لاءِ مڇين جي مدد ورتي پئي وڃي.
سي اي او هيلٿ موجب ڊينگي مڇر جي پکيڙ روڪڻ لاءِ خاص قسم جي مڇين جي مدد ورتي وئي آهي، مختلف علائقن ۾ ڪِني پاڻي ۾ خاص مڇيون ڇڏيون ويون آهن.
سي اي او هيلٿ جو چوڻ هو ته مڇين سان ڊينگي جو شڪار ڊينگي ايمرجنسي تحت ڪيو ويو آهي، مڇين کي صحت کاتي فشريز کاتي جي مدد سان پاڻي ۾ ڇڏيو آهي.
هن چيو ته خاص قسم ۽ خاص سائز جون مڇيون ڊينگي جي خاتمي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون، راولپنڊي ۾ ڊينگي جي خاتمي لاءِ هر آپشن استعمال ڪيو پيو وڃي.
You might also like