پاڪ آرمي برطانيا ۾ ٿيندڙ پيٽرول مشق ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ آرمي جي ٽيم برطانيا ۾ ٿيندڙ ڪيمبرين پيٽرول 2024 جي مشق ۾ شرڪت ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتو.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ آرمي جي ٽيم ويلز، برطانيا ۾ ڪيمبرين پيٽرول مشق 2024 ۾ شرڪت ڪئي، پاڪ آرمي ٽيم 4 کان 13 آڪٽوبر تائين مشق ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ 42 ملڪن جي 128 ٽيمن حصو ورتو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي جي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، جيڪا سڄي قوم لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.