بابر اعظم کي قومي ٽيم مان ڊراپ ڪرڻ تي فخر زمان جو ردعمل سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي جارحاڻي بيٽر فخر زمان انگلينڊ خلاف ايندڙ ٻن ٽيسٽ ميچن لاءِ بابر اعظم کي ٽيم مان ڊراپ ڪرڻ جي فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ فخر زمان ڀارتي اسٽار ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جو مثال ڏيندي چيو ته ڀارت ويرات ڪوهلي کي 3 سال خراب فارم باوجود ڊراپ نه ڪيو، بابر اعظم کي ڊراپ ڪرڻ جون خبرون ڳڻتيءَ جوڳيون آهن، پاڪستان جي بهترين بيٽر کي ڊراپ ڪرڻ سان ناڪاري پيغام ويندو.
هن چيو ته گهٻراهٽ ۾ فيصلا ڪرڻ بدران پنهنجي رانديگرن جو تحفظ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.