اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آئيني ترميمن واري معاملي تي حڪومتي اتحادي پارٽيون هڪ پيج تي اچي ويون جڏهن ته جي يو آءِ ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
آئيني ترميمن جي ڊرافٽ تي اتفاق راءِ لاءِ پارليامينٽ جي اسيپشل ڪميٽي جو اجلاس خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن پارٽين جي نمائندن شرڪت ڪئي.
جي يو آءِ آئيني ترميمن واري اسپيشل ڪميٽي جي اجلاس ۾ تجويز ڪيل مسودو پيش ڪندي آئيني عدالت تي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ آئيني عدالت جي جاءِ بئنچ جوڙڻ جي تجويز ڏني.
سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ جي ڊرافٽ ۾ رڳو آئيني عدالت ۽ بئنچ جو فرق آهي، پ پ جي باقي ڊرافٽ تي هنن کي ڪو به اعتراض ناهي، اميد آهي جلد ٻئي پارٽيون گڏيل ڊرافٽ تي اتفاق ڪري وٺنديون.
ڪامران مرتضيٰ حڪومت جي 56 نڪاتي مسودي جي جواب ۾ 24 نڪتا پيش ڪندي چيو ته 200 کان به گهٽ آئيني ڪيسن لاءِ وڏي سيٽ اَپ جي ڪا به ضرورت نه آهي.
شيري رحمان چيو ته ڪا به شئي پرفيڪٽ ناهي هوندي، آئيني ترميم به پرفيڪٽ نه هوندي، آئيني ترميم ۾ شفافيت آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪوشش آهي ته اتفاق راءِ ٿي وڃي.
ٻئي پاسي حڪومت جي يو آءِ جي ترميمن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي ۽ اسپيشل ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪومتي پارٽيون آئيني ترميمن واري معاملي تي هڪ پيج تي اچي ويون.
ذريعن موجب، حڪومت جي آئيني ترميمن جي 56 نڪاتي ڊرافٽ تي پارليامياني اڳواڻن سان مشاورت ڪئي آهي، حڪومت مولانا فضل الرحمان کي وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جو حصو بڻايو، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر به وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن ليڊر عمر ايوب اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گرفتارين جي شڪايت جنهن تي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته في الحال آئيني ترميم تي تجويز ڏيو اِهو معاملو بعد جو آهي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ بئريسٽر علي ظفر به آئيني ترميمن بابت پنهنجون تجويزون ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪيون.
آئيني ترميمن واري معاملي تي پارليامينٽ جي اسپيشل ڪميٽي جو اجلاس 17 آڪٽوبر تي ٻيهر ٿيندو، ڪجهه ميمبر سمورين جماعتن جا مسعودا گڏ ڪري هڪ ڊرافٽ ٺاهيندا.
آئيني ترميمن بابت مسودن تي غور لاءِ ماتحت ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ماتحت ڪميٽي اسپيشل ڪميٽي کي رپورٽ ڏيندي، ماتحت ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪو به شرڪت ڪري سگهي ٿو.
حڪومتي پارٽيون آئيني ترميمن تي هڪ پيج تي اچي ويون، جي يو آءِ جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار
You might also like