ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ) سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي عدالت کان مٿانهين قتل جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ قانوني ڀڃڪڙين، انتظامي ناڪامين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي لاپرواهي جو انڪشاف ڪيو ويو آهي، ڪميشن چيئرمين اقبال احمد ڏيٿو جي سربراهي ۾ ريٽائرڊ جسٽس ارشد نور خان ۽ ٻين 20 کان 27 سيپٽمبر 2024 تائين انڪوائري ڪئي، جاچ لاءِ ڊاڪٽر شاهنواز جي خاندان، مقامي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سان به ملاقاتون ڪيون ويون، جاچ ۾ اختيارين جي لاپرواهي، ناڪام قانوني پروٽوڪول ۽ فرسٽ انفارميشن رپورٽ (ايف آءِ آر) ۾ ناقص الزامن جو انڪشاف ٿيو، جاچ ۾ قانوني عمل ۾ اهم خامين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، بنيادي حقن جي ناقص تحفظ ۽ واقعن کي روڪڻ لاءِ اختيارين طرفان مناسب قدم نه کڻڻ جي نشاندهي ڪئي وئي، جاچ ۾ بدانتظامي جو به انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ۾ جعلي پوليس مقابلو به شامل آهي، جنهن جي تصديق آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل جاچ ٽيم به ڪئي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار کي توهين مذهب جي الزام ۾ غلط سڃاڻپ ڪيو ويو، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي عمل ۾ خامين سبب نتيجا خراب ٿيا، آخرڪار سندس موت ٿيو، رپورٽ موجب ڊاڪٽر شاهنواز جي گرفتاري ۽ ان کانپوءِ مبينا جعلي پوليس مقابلي جي حوالي سان پوليس جي شفافيت نه هجڻ سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي، جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اندر احتساب جي نازڪ مسئلي کي اجاگر ڪيو ويو، رپورٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي لاش جي ٻيهر پوسٽ مارٽم جي سفارش ڪئي وئي آهي ته جيئن پوسٽ مارٽم جي مدد سان موت جو ڪارڻ معلوم ڪري سگهجي، رپورٽ موجب ڊاڪٽر شاهنواز کي فيئر ٽرائل جي آئيني حق کان محروم رکيو ويو، عدالت ۾ پنهنجو دفاع ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ بدران کيس پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو، جيڪو فيئر ٽرائل جي حق جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.