ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نوجوانن جي سول سوسائٽي ۽ رواداري تحريڪ سنڌ جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو چيو آهي ته اها سنڌ حڪومت جي قانوني ۽ اخلاقي ذميواري آهي ته هو 13 آڪٽوبر تي ٽي تلوار ڪلفٽن کان ڪراچي پريس ڪلب تائين مذهبي رواداري لاءِ نڪرندڙ ريلي خلاف انتھا پسندن طرفان ساڳئي هنڌ ريلي ڪڍڻ ۽ سندن جي ڌمڪين جو نوٽيس وٺي، انهن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ کين ڪنهن به گڙ ٻڙ جي سازشن کي اڳواٽ روڪڻ لاءِ انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ هن جي پوليس هٿان ڪوڙي مقابلي جي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي، مقتول جي وارثن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ڪراچي ۾ رهندڙ سمورا امن پسند شهري هن ريلي ۾ شريڪ ٿي ملڪ ۽ اسلام دشمن غير ملڪي انتها پسند ايجنٽن خلاف سموري ملڪ ۾ رواداري ۽ امن جو پيغام پهچايو وڃي. هن اھا ڳالھه ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ملاقات ڪندي چئي، ان موقعي تي عاليه بخشل ٿلهو ۽ پنهل ساريو پڻ موجود هئا، سنڌو نواز چيو ته رواداري تحريڪ طرفان ريلي ڪڍڻ ملڪ جي آئين ۾ مليل اسان جو بنيادي انساني ۽ شهري حق ۽ سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اها ذميواري آهي ته اسان جي آئيني حق آڏو ايندڙ هر رڪاوٽ ۽ ڌمڪين خلاف قانوني ڪارروائي ڪري، ان موقعي تي پنهل ساريو ۽ عاليه بخشل ٿلهو چيو ته افسوس ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر امير علي شاهه طرفان ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن کي گلن جا هار پارائڻ ۽ انتهاپسندن جي مدد ڪرڻ تي هن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪري ثابت ڪيو آهي ته پيپلزپارٽي سيڪيولر ۽ رواداري جي منشور تي هلندڙ پارٽي نه آهي ۽ جيڪڏهن سنڌ حڪومت شهيد ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪري ها ته شايد اسان احتجاج جو رستو اختيار نه ڪيون ها.ٻي طرف رواداري مارچ بابت سنڌو نواز گهانگهرو، پنهل ساريو، عاليه بخشل ۽ ٻين پاران ايڇ آر سي آفيس ۾ سول سوسائٽي ۽ ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان گڏجاڻيون ڪيون ويون، گڏجاڻين ۾ ڪراچي ۾ رٿيل رواداري مارچ بابت دعوتن سان گڏ سول سوسائٽي ۽ صحافين سان خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي، رواداري مارچ ڪلفٽن جي ٽي تلوار کان شروع ٿيندو جيڪو مختلف رستن کان ٿيندو ڪراچي پريس ڪلب پھچندو جتي اڳواڻ خطاب ڪندا، اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ھي رواداري مارچ ڪنهن سان نفرت لاءِ نه پر سڀني سان محبت، امن ۽ ڀائيچاري لاءِ ڪيو پيو وڃي، مارچ ۾ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري، شاھنواز ڪيس جي شفاف جاچ ۽ ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن کي گلن جا هار پارائيندڙ پيپلزپارٽي جي ايم اين کي برطرف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويندو.