آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ صرف هڪ مهينو باقي آهي.ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪملا هيرس وچ ۾ مقابلو سخت ٿي ويو آهي.وائيٽ هائوس لاءِ قومي ۽ رياستي سطح تي ٻنهي اميدوارن جي وچ ۾ سخت چٽاڀيٽي آهي ۽ فتح جو مارجن هر گذرندڙ ڏينهن سان گهٽجي رهيو آهي. ان صورتحال ۾ هر هڪ ووٽ کي ھڪ وڏي طاقت واروآهي.
ووٽرن جنھن حساب سان ورھايل آھن، ان سان هڪ يا ٻه سيڪڙو پوائنٽ جو فرق فيصلائتو ٿي سگهي ٿو.اھي لفظ رٽگرز يونيورسٽي ۾ آمريڪي صدارتي تاريخ جي ماهر ڊيوڊ گرين برگ جا آھن.جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا حڪمت عمليون ٺاھيندڙ ماھرن جي ڪوشش آھي تھ جيترو ممڪن ھجي فائدو حاصل ڪجي. پر اهو سڀ سندن واس کان ٻاهر آهي، ڇو ته ڪو به غير متوقع موڙ يا واقعو ان آخري هفتن ۾ سڄي صورتحال کي تبديل ڪري سگهي ٿو. جڏهن چونڊ مهم زورن تي آهي.
ھي سال وڏي سياسي اٿل پٿل جو سال رھيو آهي. جيئن هڪ اميدوار (ٽرمپ) ٻه ڀيرا قاتلاڻي حملن ۾ بچي نڪتو آهي ۽ ڏوھي ثابت ٿيڻ جي سزا بھ کاڌل آهي. ٻئي طرف صدر جو بائيڊن چونڊ مهم دوران ھڪ ننڍي سطح جي نائب صدر جي حق ۾ صدارتي ريس مان نڪري ويو آهي.جڏهن آڪٽوبر ۾ معاملا مستحڪم ٿيڻ لڳندا ان دوران جيڪڏهن ٽرمپ جي.هالي ووڊ ٽيپ يا هيلري ڪلنٽن جي 2016 جي اي ميلز جھڙا معاملا سامهون اچن ٿا تھ ٽرمپ يا ڪملا هيرس جي ڪنهن به غلطي يا خراب خبر بعد ان مان نڪرڻ لاءِ وٽن صفا واپس گهٽ وقت هوندو.ھن هفتي تي نظر وجھجي ته ڪيترائي نوان ھنگاما سامهون آيا آهن جيڪي 5 نومبر تائين سياسي طوفان ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا.پهريون سياسي طوفان ڪافي حد تائين حقيقي ھو.سامونڊي طوفان ھيلين گذريل هفتي ٻن اهم چونڊ وارين رياستن جارجيا ۽ اتر ڪيرولينا ۾ تباهي مچائي.صدارتي ريس جو اتي گھڻو ڌيان ھو. طوفان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ قدرتي آفت پڻ هڪ سياسي مسئلو بڻجي ويو.فوتين جو انگ 130 کان وڌي ويو آهي.هيرس جارجيا ۾ مختصر رهائش دوران علائقي لاءِ ڊگهي مدي واري امداد جو واعدو ڪيو ، جڏهن ته هن اتر ڪيولينا ۾ طوفان جي متاثرين سان ملاقات ڪئي.
اهي ٻئي رياستون ٽرمپ لاءِ پڻ اھم بڻجي ويون آھن. ماڻھون چون ٿا اتي ٻئي اڳواڻ برابر واري پوزيشن ۾ آھن.جارجيا جي دوري دوران اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪي هنگامي امداد جي رقم مھاجرن تي خرچ ٿي رھي آھي. غزه ۾ جنگ خطي جي جنگ ۾ پکڙجڻ جو خطرو آهي، جنھن جو بھ آمريڪي چونڊن تي سڌو اثر پوڻو آھي. جيئن اسرائيلي فورسز ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي فوجن جي خلاف وڙھي پئي ۽ ايران اسرائيل تي سوين ميزائل فائر ڪيا آھن.
جيتوڻيڪ ڪملا هيرس پاڻ کي هڪ تبديلي پسند اميدوار طور پيش ڪيو آهي، پر هن موجوده انتظاميه جي فيصلن جي حمايت ڪئي آهي جڏهن اها آمريڪي اسرائيلي پاليسين جي اچي ٿي تھ ان ۾ ڪو فرق نٿو رھي جنھن سان ھن لاءِ خطرا نظر اچي رھيا آهن.آمريڪي چونڊن کان اڳ غزه ۾ جنگ بندي جي اميد ختم ٿي رھي آھي.ان وقت ۾ وائيٽ هائوس اها يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ايران واري حملي تي اسرائيل جو ردعمل اڻٽر جنگ سبب بڻجندو. در بائڊن يقينن خميس جي رات عوام کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو.
جيتوڻيڪ آمريڪي ووٽر عام طور تي سڌي طرح پرڏيهي پاليسي بابت نه سوچندا آهن جڏهن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪندا آهن، ان ڪري ھي جنگ ڊيموڪريٽس لاءِ بامعني ۽ اثرائتي ٿي سگهي ٿي.اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي جاري رکڻ وارو هيرس جو ارادو ڊيموڪريٽڪ بنياد جي ٻن اهم حصن لاءِ مسئلو ٿي سگهي ٿو. هڪ رياست، مشي گن، عرب آمريڪي ووٽر هن کان پري ٿي سگهن ٿا ۽ ٻيو يونيورسٽي جا نوجوان ووٽر متاثر ٿي سگهن ٿا جيئن اتي جنگ خلاف احتجاج ٻيهر شروع ٿي سگھن ٿا.وچ اوڀر ۾ تڪرار مالي خدشن کي بھ وڌايو آهي.بائيڊن اسرائيل پاران ايراني تيل کي نشاني بڻائڻ جي ڳالھ ڪئي آھي. جنھن ڪري تيل قيمتن ۾پنج سيڪڙو واڌ ٿي وئي آھي.آمريڪي صارفين پيٽرول جر قيمتن بابت حساس آهن.سروي ڏيکاري ٿو ته معيشت آمريڪي ووٽرن لاءِ وڏو مسئلو آهي ۽ هيرس ۽ ڊيموڪريٽس کي سٺي خبر ملي آھي تھ روزگار وڌيو آھي. ڪجهه مهينن ۾ نوڪري جي واڌ ۽ بيروزگاري جي شرح 4.1 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي ھڪ اصطلاح ’آڪٽوبر سرپرائز‘ لڳ ڀڳ 50 سالن کان آمريڪي سياسي لغت جي حقيقت آهي. اصطلاح هڪ غير متوقع عنوان يا بحران ڏانهن اشارو ڪري ٿو. جيڪو نومبر جي ووٽ کان اڳ آڪٽوبر جي چونڊ مهم کي موڙيندو آهي.جنھن ۾ ھڪ ننڍڙي لهر وائيٽ هائوس رسڻ جي ريس جي هڪ سال جي ڊگهي مهم تي ڳري ثابت ٿيندي آھي. جڏهن سوئنگ رياستن ۾ چونڊ مارجن هزارين ووٽن کي ماپيو ۽ توريو تڪيو ويندو آھي جيڪا حيران ڪندڙ ھوندي آھي.