اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سرڪاري خرچ تي الوداعي ڊنر وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس سرڪاري خرچ سبب الوداعي ڊنر وٺڻ کان معذرت ڪئي آهي.
رجسٽرار آفيس سپريم ڪورٽ جي روايت موجب سپريم ڪورٽ طرفان رٽائر ٿيندڙ ججن ۽ چيف جسٽس جي اعزاز ۾ ڊنر لاءِ خط لکيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رجسٽرار آفيس جي نوٽ جي جواب ۾ لکيو ته سندس مان ۾ ڊنر نه ڏنو وڃي، ڇو ته ان تي عوام جي پئسي سان تقريبن 20 لک رپين جو خرچ ايندو آهي، جنهن جي ڪا ضرورت ناهي.
سپريم ڪورٽ جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو هوندو جو سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به رٽائر ٿيندڙ جج جي مان ۾ ڊنر جي تقريب نه ٿيندي.
فل ڪورٽ ريفرنس لاءِ اٽارني جنرل کي به دعوتي ختم موڪليو ويو، اسسٽنٽ رجسٽرار طرفان خط موڪليو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته فل ڪورٽ ريفرنس 25 آڪٽوبر تي ٿيندو.
خط موجب الوداعي ڊنر جو اهتمام عام طور تي ڪيو ويندو آهي پر چيف جسٽس معذرت ڪئي آهي.
Next Post
You might also like