انٽرنيٽ تي عوام جي ڊيٽا سرعام وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) عوام جي ڊيٽا انٽرنيٽ تي سرعام وڪرو ٿيڻ جي انڪشاف تي چيو آهي ته اهڙي ريت ڊيٽا وڪرو ڪرڻ غير قانوني عمل آهي.
واهپيدارن جي ڊيٽا جي غير قانوني وڪري جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته موبائل واهپيدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ نمبر، سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي ۽ پتو آن لائن وڪرو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته موبائل واهپيدارن جي فيملي ٽري، لائيو لوڪيشن به انٽرنيٽ تي سرعام وڪرو ڪئي پئي وڃي.
ان ڏس ۾ ٻڌايو ويو ته گوگل تي ڪيتريون ئي ويب سائيٽس ۽ ايپس عوام جي چوري ٿيل ڊيٽا کپائڻ ۾ مصروف آهن، موبائل واهپيدار جي سڄي خاندان جا تفصيل به کپايا پيا وڃن ۽ موبائل واهپيدار جي ڪال هسٽري ۽ واٽس ايپ ڊيٽا به وڪرو ڪئي پئي وڃي.
پي ٽي اي ترجمان ٻڌايو ته اهڙي ريت ڊيٽا کپائڻ غير قانوني عمل آهي ۽ پي ٽي اي طرفان اهڙيون ڪيتريون ئي ويب سائيٽس بند ڪيون ويون آهن، اهڙي ڪنهن به ويب سائيٽ جو پتو پوڻ تي ان کي فوري طور بلاڪ ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.