اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي هڪ ڀيرو ٻيهر 15 آڪٽوبر تي ڊي چوڪ تي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.
تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور شرڪت نه ڪئي.
اجلاس کانپوءِ اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته 15 آڪٽوبر تي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، جنهن لاءِ مرڪزي ڪميٽي کان وٺي علائقائي سطح تائين تنظيمي ذميوارن ۽ ونگز کي تيارين جي هدايت ڪئي وئي آهي.
پڌرائيءَ موجب 15 آڪٽوبر تي ڊي چوڪ تي پرامن احتجاج جي تيارين کي ڏسندي پنجاب جي ضلعن ۾ ٿيندڙ احتجاج کي رد ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان پوءِ اعلان ڪيو ويندو.
سياسي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته مينڊيٽ چور ۽ آئين ۽ قانون کان بيزار ناجائز حڪمران ظلم ڇڏڻ لاءِ ڪنهن به ريت تيار ناهن، اڊيالا ۾ ناحق قيد تحريڪ انصاف باني عمران خان کي ظلم جو نشانو بڻائڻ جو نئون سلسلو شروع ڪيو پيو وڃي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي صحت ۽ سلامتي کي ڄاڻ واڻي سنگين خطرا پهچائڻ لاءِ کيس سمورن بنيادي ۽ انساني حقن کان محروم ڪيو ويو آهي.
You might also like