اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي جي لکت فيصلي ۾ چيو آهي ته نظرثاني 27 مهينن کانپوءِ ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي، معاملي تي تڪڙ جو الزام بي بنياد آهي، اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال سڄي دور ۾ نظرثاني ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪئي.
سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، فيصلو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو آهي، جيڪو 23 صفحن تي ٻڌل آهي.
فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته صدارتي ريفرنس عارف علوي سپريم ڪورٽ موڪليو هو، صدارتي ريفرنس ۾ ڪابينا مان منظوري يا وزيراعظم جي ايڊوائيز جو ڪو حوالو نه ڏنو ويو، سپريم ڪورٽ هڪ آئيني درخواست جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي اٽارني جنرل خالد جاويد خان جو بيان رڪارڊ ڪيو.
فيصلي ۾ ٻڌايو ويو ته اڳوڻي اٽارني جنرل چيو اسان آرٽيڪل 63 اي بابت هڪ ريفرنس آڻي رهيا آهيون، اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ حڪم نامي ۾ لکرايو ته ريفرنس ۽ آئيني درخواست کي گڏ ڪيو وڃي، حيراني طور صدر ان وقت بئنچ ۾ آيو، جڏهن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي معاملي تي سياسي جهيڙو هلي رهيو هو.
سپريم ڪورٽ چيو ته جسٽس منيب اختر ريگيولر ڪيسن لاءِ دستياب هو پر نظرثاني بئنچ ۾ شامل نه ٿيو، 27 مهينن کانپوءِ نظرثاني ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي، معاملي تي تڪڙ جو الزام مڪمل طور بي بنياد آهي.
آرٽيڪل 63 اي تي نظرثاني جي 27 مهينن کانپوءِ ٻڌڻي ٿي، تڪڙ جو الزام غلط آهي: لکت فيصلو
Prev Post
You might also like