ملتان (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ملتان ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن ليگ اسپنر ابرار احمد بخار ۾ مبتلا ٿي ويو.
ملتان ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ ابرار احمد 35 اوورن ۾ 174 رنسون ڏنيون، پر چوٿين ڏينهن هو بخار سبب ميدان ۾ فيلڊنگ ڪرڻ نه آيو.
واضح رهي ته قومي اسپنر ابرار احمد انگلينڊ خلاف پهرين اننگز ۾ 35 اوور بالنگ ڪئي هئي ۽ ڪا به وڪيٽ نه وٺي سگهيو.