لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلي جي رهواسين گندگي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ساقي صوبدار کوسو، خان آريجو، فريد ڪلهوڙو، جميل احمد لاڙ، مھراڻ علي وڳڻ، رميز راجا، علي گل ڏيپر ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته انتظاميا نظر محلا جي صفائي سٿرائي ڪرڻ ۾ ناڪام طور ناڪام ٿي وئي آهي، اسان ڪافي ڀيرا چونڊيل نمائندن کي درخواستون ڏنيون آهن پر انهن سدائين آسرا ڏنا ۽ گندو پاڻي نيڪال ناهي ٿيو.
هنن چيو ته روڊن تي گندو پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب نه رڳو اچ وڃ ۾ تڪليفون پيش اچن ٿيون پر ڪيترين ئي بيمارين پر ڪَر کنيو آهي.
شهرين پ پ جي اعليٰ قيادت کان مطالبو ڪيو ته لاپرواهه انتظاميا خلاف ايڪشن وٺي صفائي سٿرائي جو ڪم ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
You might also like