مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي ويا آهن: اسحاق ڊار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي ويا آهن، پاڪستان جلد دنيا جي 24هين معاشي طاقت بڻجي سامهون ايندو.
اسلام آباد ۾ پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سعودي وفد کي ڀليڪار ڪري ٿو.
سندس چوڻ هو ته پاڪ سعودي اسٽريٽجڪ ڀائيواري نئين دور ۾ داخل ٿي وئي آهي، پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي اهميت ڏيندو آهي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي معيشيت جٽادار ترقي جي رستي تي هلي رهي آهي، اقتصادي بحالي جي ايجنڊا جا هاڪاري نتيجا سامهون ايندا، ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول موجود آهي.
هن چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي ويا آهن، پاڪستان جلد دنيا جي 24هين معاشي طاقت بڻجي سامهون ايندو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان سعودي عرب کي ڪوئلي جي کاڻ جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي ٿو، پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو عالمي سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪائي رهيو آهي، پاڪ سعودي بزنس فورم ۾ ٻنهي ملڪن سهڪار وڌائڻ جو عزم ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.