معاشي محاذ تي اسان بهترين پوزيشن ۾ اچي ويا آهيون: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي محاذ تي هو بهترين پوزيشن ۾ اچي ويا آهن.
اسلام آباد ۾ پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته سعودي عرب جي سيڙپڪارن کي ڀليڪار ڪن ٿا، سعودي عرب مان خانگي سيڪٽر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندو.
سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ريڪوڊڪ تي جلد اڳڀرائي ٿيندي، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستاني معيشيت ۾ مسلسل استحڪام اچي رهيو آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته گذريل هڪ سال ۾ پاڪستان جي معيشيت مستحڪم ٿي آهي، جنهن جا نتيجا ملڻ شروع ٿي ويا آهن، گذريل 14 مهينن ۾ هو ميڪرو اڪنامڪ تي ڪري رهيا هئا، اڄ سندن ميڪرو اڪنامڪ انڊيڪٽر بهتر ٿيا آهن.
هن چيو ته ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۾ اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ڪرنٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي ۽ ڪرنسي مستحڪم ٿي آهي، فارن انويسٽرز جون ادائگيون وقت تي ڪيون ويون آهن، پاڪستان جي ڪريڊٽ رينڪنگ ۾ بهتري آئي آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته ڪالهه پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ ۾ بلندي جو رڪارڊ ٺاهيو آهي، مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ ۾ اچي چڪي آهي، امڪان آهي ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ٿيندي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان معاشي سرگرميون بحال ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.