آرمي چيف سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير جي ملاقات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته سعودي عرب جي سيڙپڪارن جي وڏي وفد جي پاڪستان آمد ٻنهي ملڪن ۾ مضبوط لاڳاپن کي ظاهر ڪري ٿي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفليح اعليٰ سرڪاري ۽ واپاري وفد سان گڏ ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف وفد کي پاڪستان جي مڪمل حمايت ۽ عزم جي خاطري ڪرائي، جنرل عاصم منير پاڪستاني عوام جي سعودي عرب سان محبت ۽ احترام جي جذبي کي به ورجايو.
آرمي چيف جنرل عاصم منير بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان طرفان پاڪستان لاءِ مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا.
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته سعودي عرب جي سيڙپڪارن جي وڏي وفد جي پاڪستان آمد ٻنهي ملڪن ۾ مضبوط لاڳاپن کي ظاهر ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.