اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداريءَ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ کي اسلام آباد طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر پاڪستان ۽ گورنر خيبرپختونخوا جي ملاقات ۾ صوبي جي سياسي صورتحال تي غور جو امڪان آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي وزيراعظم شهباز شريف سان به ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ صوبي جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گورنر، وزيراعظم کي چيو هو ته کين سپورٽ ڏيو ته تحريڪ انصاف کي ٽف ٽائيم ڏئي سگھن ٿا.
You might also like