اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير انجينيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اقتصادي سهڪار انتهائي اهم آهي، علائقائي خوشحالي جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.
اسلام آباد ۾ پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي انجينيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته پاڪستان سندن لاءِ ٻيو گهر آهي، هو دوست نه هڪ خاندان آهن، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ آهي.
سعودي وزير جو چوڻ هو ته سندن معيشيت ۽ معاشرت هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مذهبي ۽ روحاني تعلق قائم آهي.
سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته اڍائي ملين پاڪستاني سعودي عرب ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، سعودي ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جو اتان جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ پرعزم آهن، بزنس فورم ڪاروباري ماڻهن لاءِ بهترين فورم آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ اقتصادي سهڪار انتهائي اهم آهي.
سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته علاقائي خوشحالي جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي خطن ۾ ترقي جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪ سعودي گڏيل واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، ايس آءِ ايف سي جي مددگاري سندن لاءِ اهم آهي.
هن چيو ته صدر آصف علي زرداريءَ پاڪ-سعودي دوستي کي هٿي وٺرائڻ ۽ مضبوطي تي زور ڏنو آهي، اسان آرمي چيف عاصم منير سان ملاقات ڪئي، هن چيو ته سعودي عرب ۾ سيڙپڪاري کي سنگل ونڊو بڻائينداسين.
خالد بن عبدالعزيز الفالح جو چوڻ هو ته ايس آءِ ايف سي جي سهولتڪاري سندن لاءِ اهم آهي، آرمي چيف سعودي عرب لاءِ ريڊ ٽيپ کي ريڊ ڪارپٽ ۾ بدلائڻ تي زور ڏنو آهي.
سعودي وزير چيو ته پاڪستان سان 27 ايم او يوز تي صحيحون ٿينديون، پاڪستان سان گڏيل تجارتي سهڪار وڌايو آهي ۽ اسان جي سيڙپڪاري تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، پاڪ سعودي لاڳاپن جيان اسان جا معاشي لاڳاپا به لامحدود آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان تمام جلد معيشت تي ظابطو آندو آهي، اسان کي پاڪستان کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻو آهي، سعودي عرب دنيا جي سڀ کان وڏي ڪنسٽرڪشن سائيٽ آهي، پاڪستان اسان کي ڪنسٽرڪشن مٽيريل فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
You might also like