ڪهڙي اداڪارا سلمان خان کي شادي نه ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ دبنگ اسٽار سلمان خان ۽ اداڪارا راني مکرجي جي دوستي ڪنهن کان ڳجهي ناهي ۽ ٻئي ڪيئي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪا آهن.
پر ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته اداڪارا راني مکرجي سلمان خان کي هڪ ڀيري شادي نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو؟
پرڏيهي ميڊيا موجب، سال 2018ع ۾ راني مکرجي رئيلٽي گيم شو” دس ڪا دم “ جي ٽئين سيزن جي فائنل رائونڊ ۾ شاهه رخ خان سان گڏ شرڪت ڪئي هئي، جتي شاهه رخ سلمان سان عورتن کي هينڊل ڪرڻ بابت ٽپس شيئر ڪيون هيون ۽ چيو هو ته ” جذبن جو اظهار دل سان ٿيڻ گهرجي. “
ٻئي پاسي راني مکرجي به سلمان خان جي ٻارن محبت کي ڏسندي کيس صلاح ڏني ته ” شادي ڇڏ،ٻار پيدا ڪر.“
ميڊيا رپورٽس موجب، راني مکرجي چيو ته سلمان خان کي ٻار پسند آهن، هو سندس ڌيءَ سان به ڏاڍو پيار ڪندو آهي انڪري هو شادي ڀلي نه ڪري پر پيءُ ضرورت بڻجي.
ياد رهي ته بالي ووڊ ۾ هدايتڪار ڪرن جوهر ۽ اداڪار تشار ڪپور به شادي کانسواءِ سروگيسي ذريعي پيءُ بڻجي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.