ٽانڪ (ويب ڊيسڪ) ٽانڪ ۾ پوليس وين تي حملي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
ڊي پي او ٽانڪ موجب پوليس وين معمول موجب گشت تي هئي ته پٺاڻ ڪوٽ ڀرسان اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي.
ڊي پي او ٻڌايو ته هٿياربندن جي حملي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ۽ 3 سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال نيو ويو.
پوليس اختيارين چيو ته علائقي جو گهيرو ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.
You might also like