آمريڪا ۾ صديءَ جي سڀ کان وڏي طوفان جون تباهيون، لکين ماڻهن کي لڏپلاڻ جي هدايت

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ صديءَ جو سڀ کان خطرناڪ سامونڊي طوفان ملٽن فلوريڊا رياست سان ٽڪرائجي ويو.
سامونڊي طوفان جي اثر هيٺ 195 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلندڙ هوائن جي ڪري فلوريڊا ۾ ٻه هزار اڏامون رد ڪيون ويون.
خطرناڪ طوفان سبب تقريبن 5 لک ماڻهو بجلي کان محروم ٿي ويا، جڏهن ته سامونڊي علائقن مان 72 لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ان کان اڳ هيلين طوفان فلوريڊا سان ٽڪرايو هو، جنهن سبب تقريبن 250 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.