لکنئو(ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا ايپ فيسبڪ جي مدد سان گهر مان لاپتا ٿيل عورت کي ٽن ورهين کانپوءِ پتو لڳايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، اِهو واقعو لکنئو ۾ پيش آيو جتي 23 ورهين جي عورت جو فيسبڪ جي مدد سان پنهنجي بواءِ فرينڊ سان گڏ پتو لڳايو ويو.
پوليس موجب، ڪويتا نالي عورت جي 2017ع ۾ وني ڪمار سان شادي ٿي هئي ۽ هو پنج مئي 2021 تي لاپتا ٿي وئي هئي.
پوليس جو چوڻ هو ته ڪويتا جي وارثن پاران ڌيءَ جي اوچتو گمشدگي بعد ساهرن تي قتل جو الزام مڙهيو جنهن کانپوءِ ڪويتا جي مڙس، ڀيڻيوي، سس ۽ نُنهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
پوليس موجب، گهڻي ڳولا باوجود ڪويتا جو پتو نه پئجي سگهيو ۽ هڪ سال کانپوءِ ڪويتا جي مڙس سندس خاندان خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو جنهن تي عدالت واقعي جي حقيقت ڄاڻڻ ۽ ڪويتا کي ڳولڻ جو حڪم ڏنو.
پوليس جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم تي ڪويتا جي ڳولا شروع ڪئي وئي ۽ وري ان دوران فيسبڪ اڪائونٽ جي هڪ جعلي نالي ۽ سڃاڻپ سان سرگرمي نوٽ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ پوليس سرچ آپريشن ڪري ڪويتا کي ڳولي ورتو.
پوليس موجب، ڪويتا کي لکنئو جي علائقي دلي گنج ۾ پنهنجي بواءِ فرينڊ سان گڏ پڪڙيو ويو، پڇاڳاڇا دوران ڪويتا بواءِ فرينڊ گپتا سان گڏ رهڻ جو اعتراف پڻ ڪيو.
You might also like