سون مسلسل ٽئين ڏينهن به سوين رپيا سستو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ سون جي اگهه ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جميز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون پنج سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 71 هزار 2 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 429 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 32 هزار 510 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، هلندڙ هفتي في تولي سون جي قيمت ۾ 4300 رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون چاليهه ڊالر سستو ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.