اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ريڪوڊڪ منصوبي ۾ سيڙپڪاري جو فيصلو ڪري ورتو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪينيڊين بيرڪ گولڊ جو ريڪوڊڪ ۾ 50 سيڪڙو حصو آهي، ريڪوڊڪ ۾ وفاقي حڪومت ۽ بلوچستان حڪومت جو ترتيب وار 25-25 سيڪڙو حصو آهي.
ماهرن موجب سعودي سيڙپڪاري سان ڪروڙين ڊالر سيڙپڪاري جو امڪان آهي.
واضح رهي ته سعودي عرب جو 130 رڪني وفد گذريل ڏينهن سيڙپڪاري واري وزير انجنيئر خالد بن العزيز الفالح جي سربراهي ۾ پاڪستان پهتو هو.
اڄ پاڪ سعودي عرب بزنس فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي سعودي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ 27 مختلف معاهدن تي صحيحون ٿينديون.
Prev Post
You might also like