دبئي (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 11 هين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا اسڪاٽ لينڊ کي 80 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 166 رنسون ٺاهيون، تزمين برٽس ۽ ماريزان ڪپ 43، 43 جي اننگز کيڏي جڏهن ته لورا وولوارڊٽ 40 ٺاهيون.
اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم 167 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي 18 هين اوور ۾ 86 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
واضح رهي ته اِها اسڪاٽلينڊ جي ميگا ايونٽ ۾ لاڳيتو ٽِين شڪست آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا کي ٻن ميچن ۾ ڪاميابي ملي جڏهن هڪ ميچ ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: اسڪاٽ لينڊ کي لاڳيتو ٽِين شڪست، ڏکڻ آفريڪا جي شاندار فتح
You might also like