بنگلاديشي آل رائونڊر محمود الله پاران رٽائرمينٽ جو اعلان

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش جي سينيئر آل رائونڊر محمود الله رياض ڀارت خلاف ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سال 2007ع ۾ ڪينيا خلاف ٽي ٽوئنٽي ڊيبيو ڪندڙ محمود الله رياض جو ڪيريئر مختصر فارميٽ جو ٽيون سڀ کان ڊگهو ترين دور رهيو.
هن ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ 17 سال 35 ڏينهن بنگلاديش جي نمائندگي ڪئي، ان فهرست ۾ محمد الله رڳو هم وطن شڪيب الحسن ۽ زمبابوي جي شان وليمز پوئتي آهي.
محمود الله رياض 2021ع ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ کي الوداع چيو هو، هو هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ بنگلاديش جي نمائندگي ڪندو رهندو.
بنگلاديشي آل رائونڊر مختصر فارميٽ ۾ 139 ميچن ۾ 40 وڪيٽن سان گڏ ٻه هزار ٽي سئو پنجانوي رنسون پڻ ٺاهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.