اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي معاهدن تي صحيحن لاءِ سعودي وفد اسلام آباد پهچي ويو، وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي سعودي وفد جي مان ۾ نجي هوٽل ۾ ڊنر جو اهتمام ڪندو.
سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي واپاري وفد هوائي جهاز ذريعي نور خان ايئر بيس تي لٿو، جتي واپار واري وزير ڄام ڪمال، مصدق ملڪ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين مهمانن جي آجيان ڪئي، ان موقعي تي سعودي سفير به موجود هو.
وفد ۾ 130 ميمبر شامل آهن، امڪان آهي ته سعودي وفد پاڪستان ۾ ٻه ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو، ٻنهي ملڪن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي معاهدن تي صحيحون ٿينديون.
You might also like