” ملتان هاءِ وي، بالرن جو قبرستان ۽ روڊ…“ هي اُهي جملا آهن جيڪي انگلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ ملتان ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ دوران پِچ بابت سوشل ميڊيا تي لکيا پيا وڃن.
پهرين اننگز ۾ 556 رنسون اسڪور ڪندڙ پاڪستاني ٽيم ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي هڪ اهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي ته ميچ ڪهڙي پاسي وڃي رهي آهي ان جو فيصلو پاڪستان نه انگلينڊ جي ٽيم ڪندي.
ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي جو روٽ ۽ هيري بروڪ جي سينچرين ۽ 243 رنسن جي ڀائيواري سبب انگلينڊ کي پاڪستان جي پهرين اننگز جي اسڪور 556 رنسون پار ڪري برتري حاصل ڪرڻ لاءِ رڳو 64 رنسون گهربل آهن.
ملتان ٽيسٽ پهرئين ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي ۽ پي سي بي کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
سال 2022 ۾ جڏهن رميز راجا انتظاميا طرفان پِچز کي ” نيوٽرل “ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، ان کانپوءِ پاڪستان جي هر هوم سيريز ۾ پِچز بحث جو موضوع بڻيل هونديون آهن.
ميچ جي پهرئين ڏينهن پِچ تي ڪجهه گاهه ڇڏيو ويو جنهن کانپوءِ اِها اميد ڪئي پئي وئي ته شايد پهرئين ڏينهن پِچ تيز بالرن لاءِ مددگار ثابت ٿيندي.
پر ملتان جي ماضيءَ جي پچن جيان انتهائي فليٽ پِچ ٽابت ٿي ۽ جتي پاڪستان طرفان ٽن بيٽرن سينچريون اسڪور ڪيون اتي انگلينڊ طرفان جو روٽ ۽ هيري بروڪ جي جارحاڻي سينچرين ۽ بين ڊڪٽ ۽ زيڪ ڪرالي جي ففٽين سبب صورتحال اِها آهي جو انگلينڊ جا بالر پاڪستاني بيٽرن لاءِ پريشانيون پيدا ڪري سگهن ٿا.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رڪارڊ تي نظر ڊوڙائي وڃي ته گذريل ڏهن ٽيسٽ ميچن مان هو ڪنهن هڪ ۾ به هوم گرائونڊ تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
پاڪستاني بالرن طرفان اڄ مختلف پلان پڻ آزمايا ويا ۽ انگلش بالرن جي ابتڙ بال ريورس سوئنگ به ٿيو پر ڪجهه بدقسمتي ۽ ڪٿي انگلش بيٽرن جي جارحاڻي حڪمت عملي پاڪستاني بالرن جي مستقل مزاجي سان هڪ ئي لائين ۽ لينٿ تي بالنگ ڪرڻ نه ڏني.
سوشل ميڊيا تي جتي پچ تي تنقيد ڪئي پئي وڃي اتي پاڪستاني بالنگ به تنقيد جي نشاني تي آهي ۽ واهپيدار پهرين اننگز ۾ وڏو اسڪور ڪرڻ کانپوءِ برتري انگلينڊ کي ڏيڻ تي پاڪستاني بالنگ مان مايوس نظر اچي رهيا آهن.
ڀارتي ڪامينٽيٽر هرشا ڀوگلي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته ” ڪائي ٽيم پهرين اننگز ۾ ساڍيون پنج سئو رنسون ٺاهي اِهو تاثر ڪيئن ڏئي سگهي ٿي ته مخالف ٽيم جي ميچ تي پڪڙ وڌيڪ مضبوط آهي.“
ان ڏس ۾ ميچ جي پهرئين اڳوڻي انگلش ڪپتان ڪيون پيٽرسن پِچ کي ” بالرن لاءِ قبرستان “ قرار ڏنو جڏهن ته اڄ هن چيو ته پِچ اڄ به بالرن جو قبرستان آهي ۽ اِها جيڪڏهن ايندڙ ڏينهن ۾ مددگار ثابت نه ٿي ته اها ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تباهي جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي.
هڪ واهپيدار ابرار احمد تي تنقيد ڪندي چيو ته ” ابرار احمد مونجهيل نظر اچي رهيو آهي ۽ سندس جادوئي بالنگ ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪي آهي. “
You might also like