پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو زرعي آمدني تي ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت زرعي آمدني تي جولاءِ 2025 کان ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پارليامينٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته زرعي شعبي تي ٽيڪس جي قانون سازي جنوري 2025 ۾ ڪئي ويندي ۽ وفاق جي صوبن سان نيشنل فنانس پيڪٽ تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي.
هن چيو ته سي پيڪ بجلي منصوبن جي قرض جي ري پروفائلنگ تي هاڪاري ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي ۽ اميد آهي ته جلد سي پيڪ بجلي منصوبن جي ري پروفائلنگ جا معاهدا ٿي ويندا.
سندس چوڻ هو ته اسٽيٽ بئنڪ جي مڪمل خود مختياري جو حامي آهيان.
واضح رهي ته ملڪ ۾ زرعي آمدني تي ٽيڪس لاڳو ناهي، جيڪڏهن ٽيڪس لاڳو ٿي وڃي ٿو ته اهو پاڪستان جي قيام کانپوءِ پهريون ڀيرو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.