روس پاران پاڪستان خلاف شيڊيول ميچ رد، سبب سامهون اچي ويو

ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روس پاڪستاني ٽيم سان شيڊيول فٽبال ميچ رد ڪري ڇڏي آهي، اِها ميچ آڪٽوبر دوران بين القوامي فٽبال ونڊو ۾ 11 تاريخ تي رٿيل هئي.
روسي فٽبال يونين ميچ رد ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته موجودا حالتن ۽ وقت جي کوٽ سبب اِها ميچ نٿي کيڏي سگهجي.
واضح رهي ته پاڪستان فٽبال فيڊريشن اڳواٽ وقت جي کوٽ سبب ميچ کان معذرت ڪري چڪي هئي، فيڊريشن جي انڪار کانپوءِ پاڪستان اسپورٽس بورڊ پنهنجي پاران هڪ ٽيم روس موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.