فريال ٽالپر پاران نئين ديري ۾ چمڙيءَ جي اسپتال جو افتتاح

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر چيو آهي ته عوام کي صحت جون بهتر سهولتون ڏيڻ پهرين ترجيح آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن نئين ديري ۾ صحت کاتي پاران قائم ڪيل چمڙيءَ جي اسپتال جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو.
هن چيو ته پ پ عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ اسان ان جذبي سان عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون، نئين ديري شهر جي آبادي وڌي وئي آهي، تنهن ڪري ڪوشش پيا ڪيون ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون.
ان موقعي تي ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو چيئرمين اعجاز احمد لغاري، پ پ اڳواڻ آغا علي نواز جلباڻي، سيد ارشد راشدي، محمد انور ٻرڙو، سرفراز ميراڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
هوڏانهن فريال ٽالپر ٽڳڙ ڳوٺ ۾ دادو ڪئنال جي پل، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ گرين بيلٽ، آءِ بي اي اسڪول ۽ ٻين ترقياتي اسڪيمن جا پڻ افتتاح ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.