آڪلينڊ (ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ جو اڳوڻو ڪپتان ڪين وليمسن ڀارت جي دوري کان اڳ انجري جو شڪار ٿي ويو.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، ڪين وليمسن گروئن انجري جو شڪار ٿي ويو آهي، هو سريلنڪا خلاف سيريز ۾ ان تڪليف ۾ مبتلا ٿيو هو.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته وليمسن جي ڀارت روانگي ۾ دير آهي، سندس جاءِ تي مارڪ چيپمين کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ڪين وليمسن ري هيب مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڀارت ۾ اسڪواڊ کي جوائن ڪندو.
نيوزيلينڊ ڪين وليمسن ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي آخري حصي ۾ ئي کيڏي سگهندو، سيريز جي شروعاتي ميچن۾ وليمسن جو نه هجڻ مايوس ڪندڙ آهي.
ياد رهي ته نيوزيلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 16 آڪٽوبر تي بئنگلورو ۾ کيڏي ويندي.
You might also like