دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) هفتيوار پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
رينڪنگ ۾ ٽاپ ٿري ۾ ڪو به پاڪستاني پليئرز شامل ناهي، بيٽرز جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جي ٽريوِس هيڊ جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.
ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادو جي ٻي، انگلش اوپنر فل سالٽ جي ٽين ۽ پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي چوٿين پوزيشن آهي.
ٽي ٽوئنٽي بالرن جي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي عادل رشيد جي نمبر ون پوزيشن برقرار آهي، ويسٽ انڊيز جي عقيل حسين جو ٻيو ۽ افغانستان جي راشد خان جو ٽيون نمبر آهي.
رينڪنگ ۾ ڀارتي فاسٽ بالر ارشديپ اٺ درجا ترقي ماڻڻ کانپوءِ نائين نمبر تي اچي ويو آهي، ٽي ٽوئنٽي بالرن ۾ پاڪستان جي شاهين آفريدي جو 13 هون نمبر آهي.
ون ڊي بيٽرز ۾بابر اعظم جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، ٽريوِس هيڊ هڪ درجو بهتري کانپوءِ ڏهين نمبر تي اچي ويوآهي.
هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ ڏکڻ آفريڪي بالر ڪيشو مهاراج جو پهريون نمبر آهي، جڏهن ته ون ڊي آل رائونڊرز ۾ افغانستان جي محمد نمبر جي پهرين پوزيشن آهي.
You might also like