پريا ڪماري ڪيس ۾ گرفتار ڌاڙيل هڪ ڪروڙ رشوت عيوض فرار؟

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سکر جي علائقي سنگرار مان اغوا ٿيل ٻارڙي پريا ڪماري جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ڪرم سندراڻي سکر پوليس جي حراست  دوران مبينا فرار ٿي ويو آهي،  جنهن تي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جشن ملهايو ۽  خوشي ۾ فائرنگ ڪئي، مبينا فرار ڄاڻايل جوابدار ڪرم سندراڻي کي  2 هفتا اڳ پريا ڪماري جي آزادي بابت جوڙيل جي آءِ ٽي جي ميمبر ايس ايس پي لاڙڪاڻو روحل کوسو حراست ۾ ورتو هو، جنهن کي رات دير سان فرار ڪرايو ويو، ذريعن موجب  ڪرم سندراڻي کي فرار ڪرائڻ ۾ هڪ ڪروڙ رپيا رشوت ورتي وئي، ڌاڙيل کي فرار ڪرائڻ واري ڊيل ۾ هڪ سياسي بااثر جو اهم ڪردار ٻڌايو وڃي ٿو، ذريعن موجب مبينا فرار ٿيل جوابدار ڪرم سندراڻي ڪچي ۾ پهچي ويو، ان دوران ڌاڙيلن جشن ملهائي خوشي ۾هوائي فائرنگ ڪئي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 09 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.