بدين (رپورٽ:رازق ڏنو کوسو ) ھڪ سال اڳ عوامي آواز ۾ بدين جي ھڪ خاندان جي 13 ٻارڙن جي پراسرار بيمار ٿيڻ واري عوامي آواز شايع ٿيل خبر جو اڳوڻو چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ احمد علي شيخ نوٽيس وٽندي ھن معذور خاندان جي ٻارڙن جي مالي مدد ء سندن علاج لاء اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر بدين موجود ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم آغا شاھنواز بابر کي سختي سان حڪم جاري ڪيا جنھن بعد ڊپٽي ڪمشنر فوري طور تي عدليه جي حڪمن جي روشني ۾ انھن کي صرف ويل چيئر مھيا ڪيون جيڪي اڳوڻي ڊي ايڇ او ھيلٿ ڊاڪٽر شير نھڙيو انھن معذورن تائين پھچايون. عدليه جي حڪم تي ھڪ ميڊيڪل بورڊ پڻ جوڙڻ جو حڪم مليل ھو پر صحت کاتي پاران صرف ڪاغذي ڪارروائي تحت ميڊيڪل بورڊ جوڙي بعد ۾ فائل بند ڪري ڇڏيو، ڪنھن به معذور جي نه صحت سڌري سگھي نه وري حالت بهتر ٿي. جنھن سبب تازو بيماري سبب معذور نور محمد ء گلناز مسلسل بيمار رھڻ بعد فوت ٿي ويا ۽ ٻارڙو محبت علي به سخت بيماري جي بستري تي گھر جي کٽ تي بيحال بي يارو مددگار پيل آھي. صحت کاتو بدين عدليه جي حڪمن باوجود به انھن معذورن جو ڪوبه علاج نه ڪرايو. انھن معصوم ٻارڙن جي سنڀال ڪندڙ پيرسن چاچو سانوڻ چانگ به دل جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو آھي. چونڊيل نمائندن به انھن جي مالڪي نه ڪئي آھي، سندن پيرسن چاچي سانوڻ چانگ چيو ته عوامي آواز جي لڳل خبر بعد ھتي بدين جا جج صاحب پھتا ڊي سي پھتو پر عدليه جي حڪمن باوجود اسان جو علاج نه ڪرايو ويو جنھن ڪري ٻه معذور زندگين تان ھٿ کڻي ويا باقي سڀ بيمار آھن.