آفيس ۾ عورت سان نازيبا حرڪت ڪندڙ ملازم تي وڏو ڏنڊ

گڏيل عرب امارتن جي هڪ ڪمپني ۾ عرب ملازم پنهنجي ساٿي عورت ملازم جي ڳَل کي ڇُهيو، جنهن تي عورت ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.
امارات جي مقامي ميڊيا موجب اهو ڪيس دبئي جي سول ڪورٽ ۾ هليو، عورت پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪم دوران مون کي آفيس ۾ اڪيلو ڏسي ساٿي ملازم مون وٽ آيو ۽ منهنجي ڳٽي تي هٿ رکيو، ان حرڪت تي مان وائڙي ٿي ويس ۽ ڪم متاثر ٿيو.
عورت اڳ ۾ ڪمپني جي انتظاميا کي شڪايت ڪئي، جنهن تي ڄاڻايل ملازم چيو ته هيءَ منهنجي ڌيءَ جي عمر جي آهي، تنهن ڪري مان ڳل ڇهڻ کي عام ڳالهه سمجهان ٿو.
عورت ان واقعي تي 51 هزار درهم هرجاڻي جي دعويٰ ڪئي ۽ قانوني ڪارروائي جا خرچ ۽ ڏنڊ ادا نه ڪرڻ تي 5 سيڪڙو وياج جو مطالبو به ڪيو.
پر عدالت مرد ملازم تي 2 هزار درهم ڏنڊ لاڳو ڪيو، جنهن تي عورت فوجداري عدالت سان رابطو ڪيو ۽ هرجاڻي جي رقم وڌائڻ جو مطالبو ڪيو.
فوجداري عدالت سول ڪورٽ جي حڪم کي رد ڪندي فيصلو ڏنو ته ان عمل سان عورت جي حيا متاثر ٿي ۽ هوءَ نفسياتي دٻاءَ جو شڪار رهي، تنهن ڪري جوابدار 10 هزار درهم ڏنڊ ادا ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.