اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پشتون تحفظ موومينٽ تي پابندي لڳائڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.
پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي ايم پاڪستان جو جهنڊو ساڙيو، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن تي حملا ڪيا، کين ٻاهرئين ملڪن مان فنڊنگ ٿي رهي هئي.
هن چيو ته پي ٽي ايم جو ڪالعدم ٽي ٽي پي سان واسطو ثابت ٿيو آهي، پي ٽي ايم جي حملن ۾ افغان شهري به ساٿ ڏيندا هئا، جيڪي ڪالعدم ٽي ٽي پي جا آهن، سڀ ڳالهيون ثابت ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي ايم تي پابندي لڳائي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن به تنظيم کي ثبوتن جي بنياد تي ڪالعدم قرار ڏنو ويندو آهي، پرامن احتجاج جي هر ڪنهن کي اجازت آهي پر ڪنهن به جماعت کي پاڪستان تي حملي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
You might also like