نئين دهلي (ويب ڊيسڪ ) پئرس اولمپڪس ۾ رڳو سئو گرام وزن وڌڻ سبب گولڊ ميڊل کان محروم ٿيندڙ ڀارتي ايٿليٽ ونيش ڦوگاٽ سياسي ميدان ۾ بي جي پي کي مات ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، نيشنل ڪانگريس جي اڳواڻ ۽ ايٿليٽ ونيش ڦوگاٽ جولانه ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي جي يوگيش ڪمار کي 6015 ووٽن تان هارائي ڇڏيو.
ڀارتي ريسلر کي ڪُل پنجهٺ هزار اسي ووٽ مليا، انڊين نيشنل لوڪ دل جو اميدوار سريندر لاٿر ڏهه هزار هڪ سئو اٺونجاهه ووٽن سان ٽئين نمبر تي رهيو.
Next Post
You might also like