لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر حڪومت تي زور ڏنو آهي ته معيشت جي بهتري لاءِ بجلي 25 سيڪڙو سستي ڪرڻي پوندي.
لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر ابوذر شاد پنهنجي بيان ۾ چيو ته مهانگي بجلي ملڪي معيشت تي وڏو نقصان پهچايو آهي، ڇو ته پيداواري لاڳت به وڌي وئي آهي.
هن چيو ته آءِ پي پيز پاڪستان کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيون آهن ۽ 10 رپيا في يونٽ ڪيپيسٽي چارجز عوام سان ناانصافي آهي.
سندس چوڻ هو ته مهانگي بجلي پاڪستان جي برآمدن کي به متاثر ڪري رهي آهي، معيشت جي بحالي لاءِ بجلي 25 سيڪڙو سستي ڪئي وڃي.
You might also like