لاهور (ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ ملتان بئنچ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ زرتاج گل جي نظربندي ختم ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ملتان بئنچ جي جسٽس محمد وحيد خان زرتاج گل جي نظربندي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ درخواستگذار جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.
وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جسٽس محمد وحيد خان زرتاج گل جي نظربندي ترت ختم ڪرڻ ۽ آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته زرتاج گل کي تحريڪِ انصاف جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي ڊي آءِ خان مان گرفتار ڪيو ويو هو ۽ نظربندي خلاف سندس مڙس طرفان عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي هئي.
You might also like