عظميٰ ۽ عليمه خان ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي ڀينرن عليما خان ۽ عظميٰ خان کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين عليما خان ۽ عظميٰ خان جي خلاف ڊي چوڪ تي احتجاج ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ پوليس کين عدالت ۾ پيش ڪيو.
ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر چيو ته عظميٰ خان ۽ عليما خان ڪارڪنن کي ميگا فون احتجاج ڪرڻ جو هدايتون ڏنيون، پوليس تي پٿراءُ ڪرڻ جو چيو جنهن سبب اهلڪار زخمي ٿيا، ٻنهي وٽان موبائيل فون هٿ ڪرڻا آهن جنهن ذريعي وڊيو ٺاهيون ويون آهن.
عمران خنا جي ڀينرن جي وڪيل چيو ته الزام لڳايو ويو پي ٽي آءِ باني جيل مان مشورا ڏئي رهيو آهي ۽ ڀيڻون نعرا هڻي رهيون آهن، نعرا هڻڻ جو الزام آهي، ڇا نعرا هڻڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي؟
ان کانپوءِ پراسيڪيوٽر طرفان عظميٰ خان ۽ عليما خان جي ڏهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي ۽ ٻنهي کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.